نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ ٿيندي: طلال چوڌري

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ ٿيندي، زائرين کي ايران اُماڻڻ جي حوالي سان مسئلي جو حل جلد ڪڍي وٺنداسين. قومي اسيمبليءَ ۾ شازيه مري، اسد قيصر ۽ ٻين جي اعتراضن وارن نُڪتن جو جواب ڏيندي طلال چوڌري چيو ته زائرين اربعين تي وڏي انگ ۾ ويندا آهن، …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ ٿيندي، زائرين کي ايران اُماڻڻ جي حوالي سان مسئلي جو حل جلد ڪڍي وٺنداسين. قومي اسيمبليءَ ۾ شازيه مري، اسد قيصر ۽ ٻين جي اعتراضن وارن نُڪتن جو جواب ڏيندي طلال چوڌري چيو ته زائرين اربعين تي وڏي انگ ۾ ويندا آهن، حڪومت کين سيڪيورٽي فراهم ڪندي آهي. هن ڀيري خطي ۾ اسرائيل ۽ ايران جنگ سبب زميني سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. گذريل هفتي ان تي منسٽري ۾ ڳالهه ٿي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪراچيءَ مان زائرين احتجاجن زميني رستي وڃڻ لاءِ جمع آهن. مان پاڻ ڪراچي پهچي رهيو آهيان. سنڌ حڪومت به آن بورڊ آهي. اسان ان مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ ڪوشان آهيون. بچاءُ واري وزير به ايوان ۾ ان تي ڳالهه ڪئي آهي ته اُڏامون وڌائينداسين. هن چيو ته 5 آگسٽ تي اسيمبلي جو گيٽ بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. اسان جي جرئت ناهي جو اسيمبليءَ جو تقدس پائمال ڪريون. 5 آگسٽ تي يومِ استحصال به هو، ڊي چؤڪ ۾ ڪشميرين جي حق ۾ واڪ هئي. گيٽ مان ٻاهر کان ايندڙن کي روڪڻ لاءِ گيٽ بند هو. جڏهن ته ٻاهر وڃڻ لاءِ سمورا رستا کُليل هئا. اسد قيصر پاڻ اسپيڪر رهيو آهي هن پنهنجي دؤر ۾ عدم اعتماد جي رٿ سان جيڪو سلوڪ ڪيو اهو سڀني آڏو آهي. 2013ع کان 2018ع تائين به اهي ئي اعتراض اسپيڪر تي هئا پر هن استعيفائون قبول نه ڪيون ۽ چؤڪ کان واپس کين اسيمبليءَ ۾ آندو. هن چيو ته احتجاج هرهڪ جو حق آهي پر امن ۽ امان سان مشروط آهي. هن جيڪا درخواست ڏني ان تي ڏنل نمبرن تي رابطو ڪيو ويو پر فون نه کنيو ويو. اسلام آباد ۾ 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، هتي 100 جي لڳ ڀڳ مرد ۽ عورتون احتجاج تي آيا، اڊيالا جو رستو اسيمبليءَ کان نه ٿو وڃي اهو بهانو نه بڻايو. طلال چوڌري چيو ته مقبوليت بي گناهي لاءِ دليل ناهي. ڇا مقبوليت شهيدن جي مجسمن کي باهيون ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿي؟ 9 مئي ڪهڙي پارٽي ڪيو سڀن کي خبر آهي. انهن جو وڏو وزير چوي ٿو ته ڪو آپريشن نه ٿيڻ ڏينداسين، ملڪ ۾ ڪو نئون آپريشن ناهي ٿي رهيو ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن ٿيندو ڪو نٿو روڪي سگهي، هنن پاڻ ٽي ٽي پي کي آڻي آباد ڪيو. پنجابي، شيعا ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ خدمتون ڏيندڙ پاڪستانين کي ماري رهيا آهن، اهو ٻُڌايو ته هي پاڪستان سان گڏ آهن يا دهشتگردن سان، اهو 9 مئي کان به وڏو ڪِريل قدم آهي. هن چيو ته 700 ارب دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سگهه وڌائڻ لاءِ ڏنا ويا. هن چيو ته 2015ع کان پوءِ سندس پارٽيءَ تي ڪو حملو ناهي ٿيو. هتي حملا جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين پارٽين جي ميمبرن تي ٿين ٿا. نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪوبه نٿو روڪي سگهي، صوبي ۾ ڪو نئون آپريشن ناهي ٿي رهيو ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن ٿيندو.