قومي اسيمبلي مان پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل منظور

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل ڪجهه ترميمن سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي جي قيام جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پيش ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي. صدر نشين علي زاهد ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ بل جي شقوار منظوري ورتي. …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل ڪجهه ترميمن سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي جي قيام جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پيش ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي. صدر نشين علي زاهد ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ بل جي شقوار منظوري ورتي. نويد قمر چيو ته هي بل ڪميٽي ڏانهن ويو هو جنهن جي ڪيترن ئي شقن تي پيپلزپارٽي کي خدشا هئا، انهن ۾ ڪيترين ئي شقن ۾ ترميم جي تجويز ڏني هئي، اسان ڪيترن ئي خدشن باوجود بل جي منظوري ۾ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مختلف شقن ۾ ترميمن کانپوءِ طلال چوڌري پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ حڪم جوڙڻ جو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.