حڪومت ماحولياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ فعال حڪمت عملي تي گامزن آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير  پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ماحولياتي تبديلي جي وڌندڙ خطرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع ۽ ڀرپور حڪمت عملي تي گامزن آهي. هو ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو مقصد ماحولياتي خطرن خلاف مالي تحفظ، گرين فنانسنگ ۽ حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ هو. …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير  پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ماحولياتي تبديلي جي وڌندڙ خطرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع ۽ ڀرپور حڪمت عملي تي گامزن آهي. هو ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو مقصد ماحولياتي خطرن خلاف مالي تحفظ، گرين فنانسنگ ۽ حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ هو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ”اڏام پاڪستان“ جي عنوان سان هڪ جامع پروگرام متعارف ڪرايو آهي جيڪو ماحولياتي موافقت گرين فنانسنگ ۽ ڊجيٽل رسڪ ماڊلنگ ذريعي ملڪ کي قدرتي آفتن جي خطرن کان محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ گيم چينجر قرار ڏيندي ان کي صرف مالي وسيلن تائين محدود نه رکيو وڃي پر هي حقيقت ۾ هڪ قومي انشورنس پاليسي آهي جيڪا قدرتي آفتن جهڙوڪ ٻوڏ، زلزلا، گليشيئرز جي ڦاٽڻ ۽ ٻين ماحولياتي خطرن خلاف ملڪ کي محفوظ بڻائي ٿي. احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ نه رڳو روانگي واپار ۽ پيداواري شعبن کي رنڊڪ کان محفوظ بڻائي ٿي پر اي – پاڪستان ويزن کي به سگهه ڏي ٿي جتي ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا، ڊجيٽل ماڊلنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ماحولياتي خطرن جو وقت کان اڳ اندازو لڳائي بچاءُ جون تدبيرون ڪري سگهبيون.هن وڌيڪ چيو ته اسان کي رد عمل تي ٻڌل حڪمت عملي مان نڪري تياري، استقامت ۽ پائيداري طرف وڃڻو پوندو، جيڪڏهن اسان وقت تي فيصلا ڪريون ۽ خطرن جو اندازو لڳائي اڳواٽ قدم کڻون ته پاڪستان کي ماحولياتي تباهڪارين کان بچائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ماحولياتي آفتن سبب شديد معاشي نقصان برداشت ڪري چڪو آهي. خاص ڪري 2010ع، 2011ع، 2020ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن معيشت، زراعت، انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي زندگي کي غير معمولي نقصان پهچايو. هن چيو ته هن وقت به پاڪستان کي امڪاني سانوڻي جي برساتن ۽ گليشيئر ڍنڍن جي ڦاٽڻ جهڙا شديد خطرا درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماحولياتي فهم، جديد ڊيٽا، مالياتي تحفظ ۽ عالمي تعاون جي سخت ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت نه رڳو بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائي رهي آهي پر ماحولياتي خطرن کان محفوظ مستقبل لاءِ قومي ۽ عالمي حصيدارن کي به هٿي ڏئي رهي آهي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن، پاليسي سازن، نجي شعبي، ماهرن ۽ نوجوان نسل کي دعوت ڏني ته هو ملڪ کي ماحولياتي طور تي مضبوط بڻائڻ جي ان قومي مشن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.