اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ بجلي جي صارفين جي شفافيت ۽ اطمينان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شروع ڪيل پنهنجو ميٽر ۽ پنهنجي ريڊنگ مهم کي غير معمولي هٿي ملي آهي، هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ صارفين ان سهولت مان فائدو کڻي چڪا آهن. توانائيءَ واري وزارت جي ترجمان ويلٿ پاڪستان کي ٻُڌايو ته هي قدم حڪومت جي ان وسيع تر حڪمت عملي جو حصو …
پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ مهم سان هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهن فائدو حاصل ڪيو: توانائيءَ واري وزارت جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ بجلي جي صارفين جي شفافيت ۽ اطمينان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شروع ڪيل پنهنجو ميٽر ۽ پنهنجي ريڊنگ مهم کي غير معمولي هٿي ملي آهي، هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ صارفين ان سهولت مان فائدو کڻي چڪا آهن. توانائيءَ واري وزارت جي ترجمان ويلٿ پاڪستان کي ٻُڌايو ته هي قدم حڪومت جي ان وسيع تر حڪمت عملي جو حصو آهن جنهن جو مقصد وڌيڪ بلنگ ۽ غلط ميٽر ريڊنگ جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻ آهي. ان مهم ذريعي صارفين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جو مؤثر استعمال ڪيو پيو وڃي. هي منصوبو پاور اسمارٽ ايپ ذريعي متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ذريعي بجلي جا صارفين پنهنجي ميٽر ريڊنگ پاڻ جمع ڪرائي سگهن ٿا. صارفين ميٽر جي تصوير اپ لوڊ ڪري بلنگ ۾ غلط دير ۽ تڪرارن جي امڪانن کي گهٽ ڪري سگهن ٿا، جنهن سان هڪ شفاف ۽ منصفاڻو نظام جُڙي ٿو. ترجمان ٻُڌايو ته توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ بلنگ نظام ۾ سڌارن لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن. پاور سمارٽ ايپ ذريعي صارفين کي پاڻ ريڊنگ ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي جنهن سان وڌيڪ بلنگ خلاف ڪارروائيءَ کي آسان بنايو ويو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايپ کي صارفين طرفان ڀرپور ردِعمل مليو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو ان سهولت کي استعمال ڪري رهيا آهن. هي اڳڀرائي ڊجيٽل گورننس تي عوامي اعتماد ۾ واڌ ۽ صارفين ۽ يوٽيلٽي سروسز وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. ترجمان موجب وفاقي وزير ايندڙ سال کي بجلي جي شعبي ۾ بهتر سروس ۽ صارفين جي اطمينان جو سال قرار ڏنو آهي، جيڪو حڪومت جي ان عزم کي ظاهر ڪري ٿو ته صارفين کي سهولتن جي فراهميءَ ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي. وزارت جي اهلڪار موجب جون 2024ع تائين بجلي جي شعبي کي 591 ارب رپين جو نقصان سامهون هو، جڏهن ته خود ميٽر ريڊنگ جهڙن سڌاراتي قدمن سبب ان نقصان ۾ 191 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي تيزيءَ سان اختيار ڪرڻ شفافيت، احتساب ۽ سهولت ڪاريءَ جو بهترين مثال آهي. پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ جي ڪاميابي توانائيءَ جي شعبي ۾ جديديت صارفين کي بااختيار بنائڻ ۽ پائيدار مستقبل حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.











