اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر جي صدارت ۾ پاڪستان جي صنعتي پاليسي تحت ٽيڪس سڌارن ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ بابت ذيلي ڪميٽين جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضال، ايف بي آر جي نمائندن ۽ ٻين ڌُرين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايڪسپورٽ چٽاڀيٽي …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت ۾ ٽيڪس سڌارن ۽ روانگي واپار هٿي وٺرائڻ بابت ذيلي ڪميٽين جو اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر جي صدارت ۾ پاڪستان جي صنعتي پاليسي تحت ٽيڪس سڌارن ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ بابت ذيلي ڪميٽين جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضال، ايف بي آر جي نمائندن ۽ ٻين ڌُرين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايڪسپورٽ چٽاڀيٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڊگهي مُدي وارن سڌارن جون تجويز پيش ڪيون ويون. هڪ اهم تجويز اها به هئي ته سيڙپڪاري کي هڪ واضح ۽ اعتماد جوڳو روڊ ميپ فراهم ڪيو وڃي جيڪو سڌارن واري صنعتي پاليسيءَ تحت هجي. ذيلي ڪميٽين تجويز ڏني ته ڪارپوريٽ انڪم ٽيڪس کي موجوده 29 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ايندڙ ٽن سالن ۾ 26 سيڪڙو تائين آندو وڃي. علائقائي چٽاڀيٽي جو حوالو ڏيندي هارون اختر ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ ٽيڪس ويٽنام جهڙن ملڪن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي جتي هي وڌ کان وڌ 17 سيڪڙو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان ڪاروباري ڪارڪردگي ۽مجموعي اقتصادي سرگرمي بهتر ٿيندي. هڪ ٻي تجويز سپر ٽيڪس جي نظام کي معقول بنائڻ بابت هئي. ڪميٽين سفارش ڪئي ته سپر ٽيڪس مجموعي منافعي تي نه پر صرف اضافي آمدني تي لاڳو ڪيو وڃي. وڌيڪ اها به تجويز ڏني وئي ته سپر ٽيڪس کي پنجن سالن ۾ ترتيبوار گهٽ ڪري پنج سيڪڙو تائين آندي وڃي ۽ جيڪڏهن پنجن سالن ۾ ملڪي پرائمري بيلنس هاڪاري ٿي وڃي ته ڇهين سال ۾ سپر ٽيڪس کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي. اهي قدم ڪاروباري ادارن کي ٻيهر سيڙپڪاريءَ جي ترغيب ڏيندا ۽ ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ذيلي ڪميٽين نئين ڊي ايل ٽي ايل اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني ۽ سيلز ٽيڪس ۽ـ انڪم ٽيڪس ريفنڊز جي وقت سر ادائگيءَ تي زور ڀريو. هارون اختر ريفرنڊز جي عمل کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ـ تجويز جي توثيق ڪئي ته سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي ادائگي 72 ڪلاڪن اندر هڪ مانيٽرنگ مڪينزم تحت يقيني بنائي وڃي. ٻين تجويزن ۾ صنعتي بجلي جي ٽيرف ۾ ڪراس سبسڊي جو خاتمو ۽ روانگي واپار ڪندڙن تي ايڊوانس ٽيڪس نه لڳائڻ جي سفارش به شامل هئي. اجلاس ۾ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ مالياتي سهولتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بئنڪاري نظام کي آسان بنائڻ ۽ ايڪسپورٽ فنانسنگ کي پاليسي ريٽ کان 500 بيسز پوائنٽس گهٽ تي فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ان سڌارن جو مقصد روانگي واپار ڪندڙن تي مالياتي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ ان جي چٽاڀيٽي کي بهتر بنائڻ آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي هارون اختر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته روانگي واپار ۾ واڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف واضح هدايت ڏني آهي ته روانگي واپار ۾ واڌ يقيني بنائي وڃي. هارون اختر چيو ته پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ هن وقت بلند شرح وياج، مهانگي يوٽيلٽيز ۽ ڳرن ٽيڪسن جهڙن مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صنعتڪارن کي مراعتون ۽ پاليسي سهولتون فراهم ڪري کين عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي جي قابل بنائي سگهجي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقيءَ طرف هڪ اهم قدم هوندو.











