جاپان جي آبادي ۾ 2024ع دوران رڪارڊ گھٽتائي

ٽوڪيو - 07 آگسٽ (اي پي پي) جاپان ۾ سال 2024ع دوران آبادي ۾ رڪارڊ 9 لک کان وڌيڪ ماڻھن جي گھٽتائي ٿي ھئي جيڪا جاپان کي درپيش مسلسل گھٽ پيدائش جي شرح جي بحران جي شدت کي ظاھر ڪري ٿي. پرڏيھي ميڊيا مطابق جيتوڻيڪ ٻيا اسرندڙ ملڪ به گھٽ پيدائش واري شرح کي منھن ڏئي رھيا آھن پر جاپان ۾ اھو مسئلو خاص طور سنگين آھي جتي آبادي گذريل …

ٽوڪيو – 07 آگسٽ (اي پي پي) جاپان ۾ سال 2024ع دوران آبادي ۾ رڪارڊ 9 لک کان وڌيڪ ماڻھن جي گھٽتائي ٿي ھئي جيڪا جاپان کي درپيش مسلسل گھٽ پيدائش جي شرح جي بحران جي شدت کي ظاھر ڪري ٿي. پرڏيھي ميڊيا مطابق جيتوڻيڪ ٻيا اسرندڙ ملڪ به گھٽ پيدائش واري شرح کي منھن ڏئي رھيا آھن پر جاپان ۾ اھو مسئلو خاص طور سنگين آھي جتي آبادي گذريل 16 سالن کان مسلسل گھٽجي رھي آھي. جاپاني وزيراعظم شيگيرواشيبا ان صورتحال کي ھڪ خاموش ايمرجنسي قرار ڏنو آھي. 2024ع ۾ جاپاني شھرين جي انگ ۾ 908،574 ماڻھو (0.75 سيڪڙو) جي گھٽتائي ٿي، اھو مسلسل 16 ھين سال آھي جڏھن ملڪ جي آبادي ۾ گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 1968ع ۾ انگن اکرن جي شروعات کان ھيستائين جي سڀ کان وڏي سالياني گھٽتائي آھي. جڏھن ته جاپان ۾ پرڏيھين جو انگ 2025ع جي شروعات تائين رڪارڊ سطح تي پھچي ويو، جيڪا 36.7 لک ھئي جيڪا جاپان جي ڪل آبادي جو اٽڪل 3 سيڪڙو آھي جڏھن ته مجموعي ملڪي آبادي 124.3 ملين کان ڪجھه وڌيڪ رھي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 0.44 سيڪڙو گھٽ آھي.  انگن اکرن موجب 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي جاپاني شهرين جو انگ ملڪ جي ڪل آبادي جو اٽڪل 30 سيڪڙو آهي جڏهن ته 15 کان 64 سالن جي ماڻهن جي شرح 60 سيڪڙو آهي، ٻنهي ۾ معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت موجب 2024ع ۾ جاپان ۾ صرف 686061 ٻار پيدا ٿيا، جيڪي 2023ع جي ڀيٽ ۾ 41227 گهٽ ۽ 1899ع کان هن وقت تائين سڀ کان گهٽ رڪارڊ آهي.