اسلام آباد – 07 - آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪپهه کي قومي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت ڏيارڻ، عالمي چٽاڀيٽي کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبادگارن جي آمدني وڌائڻ جي لاءِ ٺوس، ثبوتن تي ٻڌل ۽ قابل عمل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ قومي غذائي تحفظ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها هڪ ايڪشن پلان تيار ڪري ته …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪپهه کي قومي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت ڏيارڻ، عالمي چٽاڀيٽي کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبادگارن جي آمدني وڌائڻ جي لاءِ ٺوس، ثبوتن تي ٻڌل ۽ قابل عمل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ قومي غذائي تحفظ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها هڪ ايڪشن پلان تيار ڪري ته جيئن گذريل اجلاسن ۾ ڪيل پاليسي مشورن کي قابل عمل قدمن ۾ تبديل ڪري سگهجي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ضروري نقد ۽ فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي پاڪستان جي ڪپهه جي شعبي جو جامع جائزو ورتو. خيالن جي ڏي وٺ دوران پيداوار ۽ منافعي ۾ اضافي، ٻج جي معيار کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق کي اختيار ڪرڻ، موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ عوامي ۽ نجي سطح تي ڪپهه جي ويليو چين جي سمورين ڌرين کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪپهه کي قومي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت ڏيارڻ، عالمي چٽاڀيٽي کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبادگارن جي آمدني وڌائڻ جي لاءِ ٺوس، ثبوتن تي ٻڌل ۽ قابل عمل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن قومي غذائي تحفظ واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها هڪ ايڪشن پلان تيار ڪري ته جيئن گذريل اجلاسن ۾ ڪيل پاليسي مشورن کي قابل عمل قدمن ۾ تبديل ڪري سگهجي. ان جي لاءِ هڪ فالو اپ ڪميٽي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار واري وزارت، ايف بي آر، ايم اين ايف ايس آر جي اعليٰ نمائندن کانسواءِ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ لاڳاپيل تنظيمن جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.











