اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان قيمتي پٿرن ۽ زيورن جي شعبي کي ترقي وٺرائڻ ۽ غير روايتي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت طرفان ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان سمال جيمز جيولرز اينڊ ٽريننگ ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي سيڪريٽري جنرل قاري …
حڪومت قيمتي پٿرن ۽ زيورن جي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان قيمتي پٿرن ۽ زيورن جي شعبي کي ترقي وٺرائڻ ۽ غير روايتي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت طرفان ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان سمال جيمز جيولرز اينڊ ٽريننگ ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي سيڪريٽري جنرل قاري محمد اشرف ڪئي جنهن ايس آر او 760 جي بحالي ۽ ايس آر او 924 کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي. هن گذريل چئن سالن ۾ شعبي طرفان لاڳاپيل قانونن جي مڪمل پاسداري جو حوالو ڏيندي چيو ته ان فيصلي سان روانگي واپار ڪندڙن کي غير ضروري ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوي ٿوي. وفاقي وزير حڪومت جي روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي پاليسي تي روشني وجهندي چيو ته قيمتي پٿرن ۽ زيورن جو شعبو پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ بابت حڪمت عملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ڄام ڪمال خان وفد جي مثبت ڪوششن جي واکاڻ ڪندي اعلان ڪيو ته واپار واري وزارت وفد پاران پيش ڪيل سفارشن کي وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪليندي ته جيئن گهربل پاليسي قدم کڻي سگهجن. عالمي سطح تي پاڪستاني مصنوعات جي موجودگي وڌائڻ لاءِ واپار واري وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته فرانس، بنگلاديش ۽ ايٿوپيا ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ عالمي واپاري فورمز ۾ ان شعبي جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته قيمتي پٿرن ۽ زيورن جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ان شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران سمورا قدم کنيا ويندا.











