آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران نائب صدر جي ڊي وينس کي مستقبل ۾ پنھنجو جانشين نامزد ڪرڻ جو اشارو

واشنگٽن - 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اشارو ڏنو آھي ته سندس نائب صدر جي ڊي وينس 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ سندس مشن ”آمريڪا کي ٻيھر عظيم بڻايون“ جو امڪاني وارث ٿي سگھي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ انٽرويو دوران جڏھن ھن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ھو جي ڊي وينس کي پنهنجو جانشين سمجھي ٿو ته آمريڪي صدر چيو ته جي ھا ۽ …

واشنگٽن – 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اشارو ڏنو آھي ته سندس نائب صدر جي ڊي وينس 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ سندس مشن ”آمريڪا کي ٻيھر عظيم بڻايون“ جو امڪاني وارث ٿي سگھي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ انٽرويو دوران جڏھن ھن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ھو جي ڊي وينس کي پنهنجو جانشين سمجھي ٿو ته آمريڪي صدر چيو ته جي ھا ۽ انصاف جي ڳالھه ڪيون ته ھو نائب صدر آھي. پر ھن اھو به چيو ته منھنجو خيال آھي ته پرڏيھي وزير مارڪوروبيو به ھڪ بھترين انسان آھي ۽ ممڪن آھي ته مان جي ڊي سان گڏجي ڪم ڪري. ھن چيو ته اسان وٽ ڪيترائي بھترين ماڻھو موجود آھن. ڊونلڊ ٽرمپ اھو به واضح ڪيو ته ان معاملي تي ڳالھائڻ وقت کان اڳ هوندو.