واشنگٽن - 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ايندڙ هفتي سڌي ريت ملاقات جو امڪان آهي، جنهن جي تصديق وائٽ هائوس جي هڪ اعليٰ عهديدار ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن آمريڪا، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ روس تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ نين ثانوي پابندين جي تياري ڪري رهيو آهي. اها ملاقات …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان ايندڙ هفتي ملاقات جو امڪان

مزید خبریں
واشنگٽن – 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ايندڙ هفتي سڌي ريت ملاقات جو امڪان آهي، جنهن جي تصديق وائٽ هائوس جي هڪ اعليٰ عهديدار ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن آمريڪا، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ روس تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ نين ثانوي پابندين جي تياري ڪري رهيو آهي. اها ملاقات امڪاني طور تي جون 2021ع کانپوءِ پهريون موقعو هوندو جڏهن ڪنهن موجوده آمريڪي صدر جي روسي صدر سان سڌي ريت ملاقات هوندي. ياد رهي ته ان کان اڳ صدر جوبائيڊن ولاديمير پيوٽن سان جنيوا سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪا روس جي يوڪرين تي حملي کان اٽڪل 8 مهينا اڳ ٿي هئي.











