رياض - 07 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شھزاده خالد بن سلمان ۽ آمريڪي ھم منصب پيرٽ ھيگسٿ ٽيليفون تي رابطو ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٻطرفا لاڳاپن، انھن کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن ۽ اسٽريٽيجڪ دفاعي شراڪتداري جي دائري ۾ انهن کي ترقي ڏيڻ جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. دفاع وارن وزيرن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن …
سعودي عرب ۽ آمريڪا جي دفاع وارن وزيرن جو ٽيليفونڪ رابطو، دفاعي سھڪار مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض – 07 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شھزاده خالد بن سلمان ۽ آمريڪي ھم منصب پيرٽ ھيگسٿ ٽيليفون تي رابطو ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٻطرفا لاڳاپن، انھن کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن ۽ اسٽريٽيجڪ دفاعي شراڪتداري جي دائري ۾ انهن کي ترقي ڏيڻ جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. دفاع وارن وزيرن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن کان علاوه خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شھزاده خالد بن سلمان ھڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ لکيو ته آمريڪا جي دفاع واري وزير سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ شراڪتداري جو جائزو ورتو، اسٽريٽيجڪ دفاعي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڌيان ڏنو. علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ استحڪام کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوششن کان علاوه گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي به ڳالھيون ڪيون.











