آمريڪي ٽيرف لاڳو ٿي ويو، ڊيڊ لائين کان اڳ آمريڪي بندرگاهن طرف روانو ڪيل سامان 5 آڪٽوبر تائين پراڻي ٽيڪس تي داخل ٿي سگهندو

واشنگٽن-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران واپاري حصيدارن تي لاڳو 10 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو تائين نئون ٽيرف گذريل ڏينهن کان لاڳو ٿي ويو آهي ۽ يو ايس ڪسٽمز اينڊ بارڊر پروٽيڪشن ايجنسي نئين ٽيرف جي حساب سان ٽيڪس وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اهو سامان جيڪو خميس تي رات جو 12 وڳي جي ڊيڊ لائين کان اڳ آمريڪي بندرگاهن طرف روانو ڪيو ويو …

واشنگٽن-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران واپاري حصيدارن تي لاڳو 10 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو تائين نئون ٽيرف گذريل ڏينهن کان لاڳو ٿي ويو آهي ۽ يو ايس ڪسٽمز اينڊ بارڊر پروٽيڪشن ايجنسي نئين ٽيرف جي حساب سان ٽيڪس وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اهو سامان جيڪو خميس تي رات جو 12 وڳي جي ڊيڊ لائين کان اڳ آمريڪي بندرگاهن طرف روانو ڪيو ويو اهو 5 آڪٽوبر تائين پراڻي ٽيڪس تي داخل ٿي سگهندو. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران نئين ٽيرف جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سندس حڪمت عملي جو عملي امتحان شروع ٿي ويو آهي ته ڇا هو آمريڪي واپاري خساري کي عالمي سپلائي چين ۾ شديد رنڊڪ، مهانگائي ۾ اضافي ۽ واپاري حصيدارن جي سخت جوابي ڪارروائي کانسواءِ گهٽ ڪري سگهي ٿو يا نه. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ اربع ڏينهن ڀارت تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جوا علان ڪيو آهي، جيڪو 21 ڏينهن کانپوءِ لاڳو ٿيندو جنهن جو سبب ڀارت پاران روسي تيل جي خريداري کي قرار ڏنو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ان ٽيڪس سان اربين ڊالر آمريڪا ايندا خاص ڪري انهن ملڪن مان جن آمريڪا جو ناجائز فائدو حاصل ڪيو آهي.