جوا بابت 184 ويب سائيٽس ۽ ايپس بلاڪ ڪيون ويون آهن: ڪابينه ڊويزن

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي کي ڪابينه ڊويزن ٻُڌايو ته پي ٽي اي سڌ سماءَ واري وزارت ۽ عوام جي شڪايتن تي شرط لڳائڻ يا جوا جي سرگرمين ۾ ملوث ڪيترين ئي ويب سائيٽس ۽ ايپس بلاڪ ڪيون آهن. هاڻ تائين جوا بابت 184 ويب سائيٽس ۽ ايپس بلاڪ ڪيون ويون آهن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران وزارت طرفان لکت ۾ ٻُڌايو ته انهن سرگرمين …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي کي ڪابينه ڊويزن ٻُڌايو ته پي ٽي اي سڌ سماءَ واري وزارت ۽ عوام جي شڪايتن تي شرط لڳائڻ يا جوا جي سرگرمين ۾ ملوث ڪيترين ئي ويب سائيٽس ۽ ايپس بلاڪ ڪيون آهن. هاڻ تائين جوا بابت 184 ويب سائيٽس ۽ ايپس بلاڪ ڪيون ويون آهن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران وزارت طرفان لکت ۾ ٻُڌايو ته انهن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ پي ٽي اي جي دائره اختيار کان ٻاهر آهي. ڪابينه ڊويزن ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت پيمرا، پي ٽي اي، پي سي بي سميت سمورن ادارن کي جوا ۾ ملوث ڪمپنين سان معاهدي جي حوصلا افزائي نه ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، غير قانوني آن لائن مواد کي ختم ۽ بلاڪ ڪرڻ بابت پي ٽي اي جو اختيار محدود آهي.