تهران-05 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته شوريٰ ڪائونسل جي قانون موجب ڪنهن به عالمي اداري کي ايٽمي ٺڪاڻن تائين رسائي جي اجازت نه ڏني ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايندڙ هفتي ايران جو دؤرو ڪندڙ ايٽمي توانائي جي عالمي اداري (آءِ اي اي اي) جو وفد عملدارن ۽ ماهرن سان صرف فني …
شوريٰ ڪائونسل جي قانون موجب ڪنهن به عالمي اداري کي ايٽمي ٺڪاڻن تائين رسائي جي اجازت نه ڏني ويندي: ايران

مزید خبریں
تهران-05 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته شوريٰ ڪائونسل جي قانون موجب ڪنهن به عالمي اداري کي ايٽمي ٺڪاڻن تائين رسائي جي اجازت نه ڏني ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايندڙ هفتي ايران جو دؤرو ڪندڙ ايٽمي توانائي جي عالمي اداري (آءِ اي اي اي) جو وفد عملدارن ۽ ماهرن سان صرف فني ۽ پيشيوراڻي ڳالهيون ۽ مشاورت جو مجاز آهي. هن انهن افواهن جي ترديد ڪئي ته آءِ اي اي اي ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن جو ٻيهر معائنو شروع ڪندو. هن چيو ته پارليامينٽ جا منظور ٿيل قانون ڪنهن به وفد يا پرڏيهي ڌُر کي ايٽمي ٺڪاڻن ۾ داخل ٿيڻ کان مڪمل طور تي روڪين ٿا، ان وفد يا ڪنهن ٻئي کي ڪنهن به قسم جي معائني جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي سربراهه زور ڀريو ته اهي پابنديون مستقل ۽ ناقابل تبديلي آهن ۽ ان جي مڪمل پاسداري ۾ ڪا نرمي نه ٿيندي. هن نشاندهي ڪئي ته ان دؤري جي حوالي سان ايراني حڪومت ۽ ايٽمي توانائي تنظيم جي پروگرام ۾ ڪنهن به طرح جي اهڙن مسئلن تي بحث شامل ناهي جنهن ۾ اداري جي مطالبي موجب ٺڪاڻن تائين رسائي يا معائنو لاڳو هجي. هن چيو ته ايران طرفان پيش ڪيل موضوع مڪمل طور تي اجازت مليل فني سهڪار جي فريم ورڪ جي اندر آهن، ان جو مقصد صرف فني راءِ جي مٽاسٽا ۽ ڪجهه مسئلن کي دُور ڪرڻ آهي.











