واشنگٽن-03 آگسٽ (اي پي پي)آمريڪي سفير ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف هلندڙ هفتي روس جو دورو ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهڙو انڪشاف آمريڪا ۾ نيٽو ۾ مستقل نمائندي ميٽ وٽيڪر هڪ انٽرويو دوران ڪيو. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون اسٽيو وٽڪوف کي سڃاڻان ٿو، جيڪو صدر ٽرمپ جو خاص نمائندو آهي، هو هلندڙ هفتي روس ويندو ۽ مون کي اميد آهي ته …
آمريڪي سفير هلندڙ هفتي روس جو دورو ڪندو

مزید خبریں
واشنگٽن-03 آگسٽ (اي پي پي)آمريڪي سفير ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف هلندڙ هفتي روس جو دورو ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهڙو انڪشاف آمريڪا ۾ نيٽو ۾ مستقل نمائندي ميٽ وٽيڪر هڪ انٽرويو دوران ڪيو. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون اسٽيو وٽڪوف کي سڃاڻان ٿو، جيڪو صدر ٽرمپ جو خاص نمائندو آهي، هو هلندڙ هفتي روس ويندو ۽ مون کي اميد آهي ته هو ڪنهن اڳڀرائي ۾ ڪامياب ٿيندو . هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا چاهي ٿو ته ٻئي ڌريون ڪنهن معاهدي تي متفق ٿين ۽ آمريڪي سفير جو هي دورو روس جي حوالي سان امڪاني طور ڪجهه نتيجا آڻي سگهي ٿو.











