ماسڪو -02 آگسٽ (اي پي پي) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم سان 6 آگسٽ تي ماسڪو ۾ اهم ملاقات ڪندو.ميڊيا رپورٽن مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ٻه طرفه لاڳاپن ۽ عالمي، علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. سلطان ابراهيم 5 کان 10 آگسٽ تائين روس جي سرڪاري دوري تي هوندو. واضح رهي ته پيوٽن هلندڙ سال مئي ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم کي بادشاهه …
روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم سان 6 آگسٽ تي ملاقات ڪندو

مزید خبریں
ماسڪو -02 آگسٽ (اي پي پي) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم سان 6 آگسٽ تي ماسڪو ۾ اهم ملاقات ڪندو.ميڊيا رپورٽن مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ٻه طرفه لاڳاپن ۽ عالمي، علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. سلطان ابراهيم 5 کان 10 آگسٽ تائين روس جي سرڪاري دوري تي هوندو. واضح رهي ته پيوٽن هلندڙ سال مئي ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم کي بادشاهه کي دعوت ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي. ڪريملن ترجمان موجب روس ملائيشيا سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ۽ ملاقات لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.











