آمريڪي صدر آڪٽوبر ۾ آسيان سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

ڪوالالمپور-31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ آسيان ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته کيس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ڪرڻ جو موقعو مليو. هن تصديق ڪئي ته هو آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ آسيان ملڪن جي 47 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ملائيشيا جي وزيراعظم …

ڪوالالمپور-31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ آسيان ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته کيس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ڪرڻ جو موقعو مليو. هن تصديق ڪئي ته هو آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ آسيان ملڪن جي 47 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته آمريڪا سان واپاري ٽيرف ڊيل جو اعلان جمعي تي ڪيو ويندو ۽ اسان دعا ڪريون ٿا ته هي اسان جي ملڪ جي معيشت ۾ مدد ڪري ۽ بار نه وجهي.