ڀارت ۽ روس جي ماتحت واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ڪا ضرورت ناھي: آمريڪا

واشنگٽن - 31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته ھن کي ڀارت ۽ روس جي ماتحت واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ڪا ضرورت ناھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته مون تي ان جو ڪو فرق نه ٿو پئي ته ڀارت روس سان ڇا ٿو ڪري. ھن چيو ته اسان ڀارت سان گڏ تمام گھٽ ڪاروبار ڪيو …

واشنگٽن – 31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته ھن کي ڀارت ۽ روس جي ماتحت واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ڪا ضرورت ناھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته مون تي ان جو ڪو فرق نه ٿو پئي ته ڀارت روس سان ڇا ٿو ڪري. ھن چيو ته اسان ڀارت سان گڏ تمام گھٽ ڪاروبار ڪيو آھي ڇو ته ان جو ٽيرف گھڻو وڌيڪ آھي، جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آھي. ھن چيو ته اھڙي طرح روس ۽ آمريڪا ھڪ ٻئي جا شراڪتدار نه آھن. واضح رھي آمريڪي صدر ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي جيڪو پھرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو.