نيويارڪ - 31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا جي وقتي سربراھه ۽ آمريڪا جي ٽرانسپورٽ واري وزير شان ڊفي اعلان ڪيو آھي ته آمريڪا ايندڙ ساڍن 3 سالن اندر چنڊ تي ٻيھر انسان موڪلڻ جو منصوبو رکي ٿو. ھن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ سال اسان چنڊ جي چوڌاري ھڪ مشن روانو ڪنداسين، جنھن ۾ لينڊنگ نه ھوندي پر ان کانپوءِ اٽڪل ھڪ سال ۾ …
آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران ايندڙ 3 سالن دوران چنڊ تي انسان موڪلڻ جو اعلان

مزید خبریں
نيويارڪ – 31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا جي وقتي سربراھه ۽ آمريڪا جي ٽرانسپورٽ واري وزير شان ڊفي اعلان ڪيو آھي ته آمريڪا ايندڙ ساڍن 3 سالن اندر چنڊ تي ٻيھر انسان موڪلڻ جو منصوبو رکي ٿو. ھن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ سال اسان چنڊ جي چوڌاري ھڪ مشن روانو ڪنداسين، جنھن ۾ لينڊنگ نه ھوندي پر ان کانپوءِ اٽڪل ھڪ سال ۾ اسان چنڊ تي لينڊ ڪنداسين ۽ اھو سڀ ڪجھه صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجوده صدارت جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ٿيندو. ھن وڌيڪ چيو ته ناسا چنڊ تي ھڪ بيس ڪيمپ قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جئين اتي مستقل طور ترسي سگھجي.











