گڏيل قومون - 30 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته غزه ۾ 21 مھينن کان جاري جنگ تباھه ٿيل غزه پٽي ۾ بدترين ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي رھي آھي. گڏيل قومن طرفان تيار ڪيل ”غذائي تحفظ جي جامع مرحليوار درجه بندي“ بابت هڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته غزه پٽي ۾ امدادي ڪارروائيون ”انساني تباھي“ کي روڪڻ لاءِ ناڪافي آھن. اداري ان ڳالھه تي …
غزه پٽي ۾ بدترين ڏڪار پيدا ٿي رھيو آھي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون – 30 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته غزه ۾ 21 مھينن کان جاري جنگ تباھه ٿيل غزه پٽي ۾ بدترين ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي رھي آھي. گڏيل قومن طرفان تيار ڪيل ”غذائي تحفظ جي جامع مرحليوار درجه بندي“ بابت هڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته غزه پٽي ۾ امدادي ڪارروائيون ”انساني تباھي“ کي روڪڻ لاءِ ناڪافي آھن. اداري ان ڳالھه تي زور ڀريو ته زميني رستن ذريعي امداد پھچائڻ ”وڌيڪ اثرائتو، محفوظ ۽ تيز“ آھي. اداري غزه پٽي ۾ فوري طور تي انساني امداد پهچائڻ لاءِ اجازت جو مطالبو ڪندي زور ڀريو آهي ته علائقي ۾ تيزي سان وڌنڌڙ بک ۽ موت کي روڪڻ جو واحد ذريعو امداد آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته اپريل ۽ جولاءِ دوران 20 ھزار کان وڌيڪ ٻارڙن کي شديد غذائي کوٽ سبب علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو ۽ انھن مان 3 ھزار کان وڌيڪ ٻارڙا سخت غذائي کوٽ جو شڪار آھن.رپورٽ موجب ڏڪار، غذائي کوٽ، بيمارين جو ڦهلجڻ ۽ بک فوتگين ۾ اضافي جو سبب بڻجي رھيا آھن.











