تھران - 30 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آھي ته اسان جي ملڪ جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل اولھه جا ملڪ اصل ۾ ايران سان تڪرار جو رڳو ھڪ بھانو بڻائي رهيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن چيو ته ايٽمي پروگرام، يورينيم جي رچاءَ ۽ انساني حق اھي سڀ رڳو بھانا آھن. ھن چيو ته اولھه جون طاقتون اصل ۾ اسان …
اولھه جا ملڪ ايٽمي معاملي تي ايران سان جنگ جو بھانو بڻائي رھيا آھن: آيت الله علي خامنه اي

مزید خبریں
تھران – 30 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آھي ته اسان جي ملڪ جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل اولھه جا ملڪ اصل ۾ ايران سان تڪرار جو رڳو ھڪ بھانو بڻائي رهيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن چيو ته ايٽمي پروگرام، يورينيم جي رچاءَ ۽ انساني حق اھي سڀ رڳو بھانا آھن. ھن چيو ته اولھه جون طاقتون اصل ۾ اسان جي دين ۽ توھان جي علم کي نشاڻو بڻائڻ چاھين ٿيون. واضح رھي ته اھو بيان ھڪ اھڙي وقت ۾ آيو آھي جڏھن ھڪ ڏينھن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو ھو ته جيڪڏھن ايران ايٽمي پروگرام ٻيھر شروع ڪيو ته ان تي ٻيھر حملا ڪيا ويندا.











