واليٽا-30 جولاءِ (اي پي پي) مالٽا جي وزيراعظم رابرٽ ابيلا چيو آهي ته سندس ملڪ سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابرٽ ابيلا اهو اعلان برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ فرانس به فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي منصوبو جو اعلان ڪيو هو. رابرٽ ابيلا، …
مالٽا پاران سيپٽمبر ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واليٽا-30 جولاءِ (اي پي پي) مالٽا جي وزيراعظم رابرٽ ابيلا چيو آهي ته سندس ملڪ سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابرٽ ابيلا اهو اعلان برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ فرانس به فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي منصوبو جو اعلان ڪيو هو. رابرٽ ابيلا، فيس بڪ پوسٽ ۾ چيو ته اسان جو موقف وچ اوڀر ۾ جتادار امن جي ڪوششن لاءِ اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. آئرلينڊ، ناروي ۽ اسپين، مئي ۾ فلسطين کي هڪ آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.











