ماسڪو - 30 جولاءِ (اي پي پي) روس جي اوڀر واري علائقي ۾ شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 8.8 رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق زلزلي کانپوءِ اتر ايٽلانٽڪ جي سامونڊي علائقن ۾ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آھي. زلزلي سبب آمريڪا جون رياستون الاسڪا ۽ ھواوي جڏھن ته جاپان ۾ به سونامي جي خطرن بابت خبردار ڪيو ويو آھي. جاپان جي …
روس ۾ شديد زلزلو، جاپان کان آمريڪا جي سامونڊي ڪناري تائين سونامي وارننگ جاري

مزید خبریں
ماسڪو – 30 جولاءِ (اي پي پي) روس جي اوڀر واري علائقي ۾ شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 8.8 رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق زلزلي کانپوءِ اتر ايٽلانٽڪ جي سامونڊي علائقن ۾ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آھي. زلزلي سبب آمريڪا جون رياستون الاسڪا ۽ ھواوي جڏھن ته جاپان ۾ به سونامي جي خطرن بابت خبردار ڪيو ويو آھي. جاپان جي موسميات کاتي مطابق ملڪ جي مرڪزي ٻيٽن جي اتر ۾ قائم ھوڪائيڊو جي ڏکڻ سمنڊ تي قائم توڪاچي ۾ 40 سينٽي ميٽر (ھڪ فوٽ کان وڌيڪ) سونامي لھرون رڪارڊ ڪيو ويون. واضع رهي ته لاڳاپيل ادارن پاران ڪينيڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا، آمريڪي رياستن واشنگٽن ۽ ڪيليفورنيا تائين ڦھليل اولھندي سامونڊي ڪناري سميت ينگون ۾ به سونامي لھرون پھچڻ جو خطرو ظاھر ڪيو ويو آھي.











