ڪانو -29 جولاءِ (اي پي پي) نائجيريا جي مرڪزي اترئين رياست نائجر ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿياربند ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪندي ڌاڙيلن جي هڪ گروه جي 45 ڄڻن کي ماري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اطلاع گڏيل قومن کي فراهم ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب فوجي جوانن هائبرڊ فورسز ۽ ڊيپارٽمينٽ آف اسٽيٽ سروسز جي مدد سان هٿياربند ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ …
نائجيريا ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿان 45 ڌاڙيل مارجي ويا

مزید خبریں
ڪانو -29 جولاءِ (اي پي پي) نائجيريا جي مرڪزي اترئين رياست نائجر ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿياربند ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪندي ڌاڙيلن جي هڪ گروه جي 45 ڄڻن کي ماري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اطلاع گڏيل قومن کي فراهم ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب فوجي جوانن هائبرڊ فورسز ۽ ڊيپارٽمينٽ آف اسٽيٽ سروسز جي مدد سان هٿياربند ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 45 ڌاڙيل ۽ ٻه فوجي مارجي ويا. اها ڪارروائي نائجيريا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پکڙجندڙ ”بينڊٽس“ خلاف جاري فوجي مهم جو تازو واقعو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 22 جولاءِ تي به نائجيريا جي فوج انهي رياست ۾ هڪ فضائي ۽ زميني حملي ۾ 95 هٿياربندن کي ماري ڇڏيو هو. اهو آپريشن ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي ڪيو ويو جنهن ۾ ابورو جي علائقي ۾ امڪاني حملن جي خبر ڏني وئي هئي. جڏهن ته نائجيريا جي فوج ان باري ۾ تبصرو ڪرڻ کان نٽائي وئي آهي، پر قومي نشرياتي اداري اين ٽي اي آپريشن جي تصديق ڪئي آهي.











