يوڪرين ڊرون حملو، روس ۾ ڏيڍ لک ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطل، مال بردار ٽرين ۾ باهه لڳي وئي

ماسڪو -29 جولاءِ (اي پي پي) روس جي علائقي ڊونيٽسڪ تي يوڪرين جي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ ڏيڍ لک ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطلي ٿي وئي ۽ هڪ ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي جي اچ وڃ به معطل ٿي وئي جڏهن ته هڪ مال بردار ٽرين کي باهه لڳي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل رات کان شروع ٿيل يوڪرين ڊرون حملا ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيا جنهن دوران …

ماسڪو -29 جولاءِ (اي پي پي) روس جي علائقي ڊونيٽسڪ تي يوڪرين جي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ ڏيڍ لک ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطلي ٿي وئي ۽ هڪ ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي جي اچ وڃ به معطل ٿي وئي جڏهن ته هڪ مال بردار ٽرين کي باهه لڳي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل رات کان شروع ٿيل يوڪرين ڊرون حملا ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيا جنهن دوران يوڪرين جي ڪيترن ئي ڊرونز  ماڪيوڪا ۽ ياسينوتا ايا ۾ بجلي جي فراهمي جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويو. حملي جي نتيجي ۾ بجلي جون ڪيتريون ئي سب اسٽيشنون متاثر ٿيون ۽ علائقي ۾ وڏي پئماني تي بليڪ آئوٽ ٿي ويو. حملي ۾ اضافي نقصانن ۽ فوتگين جا اطلاع به سامهون آيا آهن. اطلاعن موجب  روس جي هڪ مال بردار ٽرين تي ڊرون حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ان جو ڊرائيور فوت ٿي ويو.روس جي ريلوي کاتي ٻڌايو ته روستوو ريجن ۾ سالسڪ اسٽيشن تي ريل گاڏين جي اچ وڃ عارضي طور ان وقت بند ڪئي وئي جڏهن ڊرون جي ملبي مان مال بردار ريل گاڏي ۾ باهه لڳي وئي.