ڀارت جي پرڏيهي وزير  پاڪ ڀارت جنگ بندي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي وضاحت ناهي ڪئي: پريانڪا گانڌي

نئين دهلي -29 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر لوڪ سڀا ۾ آپريشن سنڌ جي باري ۾ بيان کان فوري پوءِ ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي چيو آهي، ته پرڏيهي وزير ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي وضاحت ناهي ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پريانڪا گانڌي لوڪ سڀا ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي وزير آمريڪا جي …

نئين دهلي -29 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر لوڪ سڀا ۾ آپريشن سنڌ جي باري ۾ بيان کان فوري پوءِ ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي چيو آهي، ته پرڏيهي وزير ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي وضاحت ناهي ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پريانڪا گانڌي لوڪ سڀا ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي وزير آمريڪا جي مبينه ٽياڪڙي  بابت وضاحت ناهي ڪئي. هن چيو ته ايس جي شنڪر ڪيترين ئي شين سميت جنگ بندي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي وضاحت ناهي ڪئي. لوڪ سڀا ۾ آپريشن سندور  تي بحث دوران مخالف ڌر جي اڳواڻن مودي حڪومت کان جنگ بندي ۾ آمريڪا جي ڪردار، صدر ٽرمپ طرفان جنگ بندي  جي 28 ڀيرا ڪريڊٽ کڻڻ، واپار جي ڌمڪي ڏئي جنگبندي ڪرائڻ، ڀارتي جهازن جي تباهي ۽ ڪشمير تڪرار تي ٽياڪڙي جي حوالي سان آڇ تي موودي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ وضاحت طلب ڪئي. گور گگوئي ۽ ديپيندر هڊا  چيو ته آمريڪي صدر 28 ڀيرا چيو آهي، ته هن واپار جي ڌمڪي ڏئي جنگ بندي ڪرائي. هنن ڀارت جي جنگي جهازن جي تباهي ۽ ڪشمير تڪرار تي ٽياڪڙي جي به آڇ ڪئي، پر وزيراعظم نريندر مودي هڪ ڀيرو به ان جي ترديد ناهي ڪئي.