نيويارڪ – 29 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين مسئلي جي پرامن ۽ ٻه رياستي حل جي حوالي سان نيويارڪ ۾ اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ڪانفرنس سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿي رهي آهي. شريڪ چيئرمينز جي قيادت ۽ 8 ورڪنگ گروپس جي ڪردار جي ڪوششن …
اسحاق ڊار جي فلسطين مسئلي جي پرامن ۽ ٻه رياستي حل جي حوالي سان اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت

مزید خبریں
نيويارڪ – 29 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين مسئلي جي پرامن ۽ ٻه رياستي حل جي حوالي سان نيويارڪ ۾ اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ڪانفرنس سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿي رهي آهي. شريڪ چيئرمينز جي قيادت ۽ 8 ورڪنگ گروپس جي ڪردار جي ڪوششن کي ساراهيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪانفرنس سان بامقصد نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي فعال شرڪت ۽ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن غزه ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت جي شديد مذمت ڪندي ان کي ”عالمي قانون ۽ انساني اصولن جو قبرستان“ قرار ڏنو. هن چيو ته 58000 کان وڌيڪ فلسطينين جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن، انهن جي قتل کي عالمي قانون، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي قدمن جي کليل خلاف ورزي آهي. عالمي قدمن جي فوري ضرورت تي زور ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي، بنا روڪ ٽول انساني امداد تائين پهچ، گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي حمايت، جنگي ڏوهن جي جوابدهي ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ هڪ مستنند سياسي عمل جي بحالي جو مطالبو ڪيو. هن فلسطين جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل ميمبرشپ ۽ عالمي سطح تي ان جي سڃاڻپ تي پڻ زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڪانفرنس کي قابل عمل واعدن سان ٻه رياستي حل جي مرڪزي اهميت کي ٻيهر اجاگر، اسرائيل جي غزه مان انخلا جي مطالبي سان گڏ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2735 ۽ او آءِ سي – عرب پلان موجب غزه جي نئين سر تعمير جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڪانفرنس ۾ جبري لڏپلاڻ، آبادياتي ڀڃ ڊاهه، آبادڪارين ۽ الحاق کي به رد ڪرڻ گهرجي. فرانس پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻين ملڪن کي ان جي پيروي ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن او آءِ سي – عرب پلان ۽ ڪنهن به عالمي تحفظ جي طريقيڪار جي لاءِ فني امداد، صلاحيت سازي ۽ حمايت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو اظهار پڻ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار زور ڏنو ته فلسطين مسئلو هڪ اخلاقي ضرورت ۽ علامي برادري جي لاءِ هڪ امتحان آهي. هن چيو ته قبضو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ هينئر ئي ختم ٿيڻ گهرجي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطين کي آزادي، خودمختياري ۽ رياستي حيثيت حاصل ٿئي.











