نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪويت جي پرڏيهي وزير عبدالله يحييٰ سان ملاقات

اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ۾ ٻه رياستي حل تي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪويت جي پرڏيهي وزير عبدالله يحييٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيندي پاڪستان ۽ ڪويت جي …

اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ۾ ٻه رياستي حل تي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪويت جي پرڏيهي وزير عبدالله يحييٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيندي پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. هن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ويجهي مستقبل ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو. فلسطينين جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي جاري ڪاررواين ۽ غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي وزيرن هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس جا نتيجا ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندا.