برلن - 29 جولاءِ (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرڪ ميرٽس اردن سان گڏجي غزه کي امداد فراھم ڪرڻ لاءِ انساني ھمدردي جي فضائي پل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن جرمني جي گادي واري شھر برلن ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسان جو ملڪ اردن سان گڏجي ڪري غزه لاءِ ”انساني ھمدردي جي فضائي پل“ قائم ڪندو جنھن جو مقصد فلسطينين جي مدد ڪرڻ …
غزه ۾ ڏڪار انسانيت لاءِ شرم جوڳو آھي، اسپين ۽ جرمن چانسلر پاران امداد جي فراھمي لاءِ فضائي پل قائم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
برلن – 29 جولاءِ (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرڪ ميرٽس اردن سان گڏجي غزه کي امداد فراھم ڪرڻ لاءِ انساني ھمدردي جي فضائي پل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن جرمني جي گادي واري شھر برلن ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسان جو ملڪ اردن سان گڏجي ڪري غزه لاءِ ”انساني ھمدردي جي فضائي پل“ قائم ڪندو جنھن جو مقصد فلسطينين جي مدد ڪرڻ آھي جيڪي گڏيل قومن مطابق غذائي کوٽ جي ڳڻتي جوڳي سطح کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھن چيو ته دفاع واري وزير بورس پيسٽوريئس فرانس ۽ برطانيا سان ويجھي ھم آھنگي ۾ ڪم ڪندو جيڪو غذائي مواد ۽ طبي سامان پھچائڻ لاءِ ھڪ اھڙي فضائي پل قائم ڪرڻ لاءِ به تيار آھي. ان کان اڳ اسپين اعلان ڪيو ھو ته ھو ھلندڙ ھفتي غزه لاءِ 12 ٽن غذائي امداد ھوائي رستي موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو. اسرائيل پاران جاري 21 مھينن جي جنگ بعد گھيراءَ ۽ تباھه ٿيل غزه ۾ ڏڪار جو خطرو وڌي ويو آھي. اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ھڪ پريس ڪانفرنس دوران وضاحت ڪئي ته غزه ۾ امداد پھچائڻ جون ڪارروائيون جمعي ڏينھن اردن کان اسپين جي ھوائي جھازن ذريعي ڪيون وينديون. ھن چيو ته غزه ۾ ڏڪار سموري انسانيت لاءِ شرم جو سبب آھي ۽ ان کي روڪڻ ھڪ اخلاقي فرض آھي. غزه جي صحت واري وزارت جي انگن اکرن مطابق غزه ۾ بک ۽ غذائي کوٽ سبب شھيد ٿيل فلسطينين جو انگ وڌي 147 ٿي ويو آھي جنھن ۾ 88 ٻار به شامل آھن.











