جڪارتا -29 جولاءِ (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي آچي ويجهو 6.3 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي موسميات کاتي مطابق زلزلي جو مرڪز صوبي آچي جي شهر سبانگ جي اتر اولهه ۾ 247 ڪلوميٽر ڏور سمنڊ ۾ ھو. جڏهن ته زلزلي جي گهرائي صرف 15 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. کاتي مطابق زلزلي جا لوڏا آچي جي صوبائي گادي واري هنڌ باندا …
انڊونيشيا ۾ 6.3 جي شدت جو زلزلو

مزید خبریں
جڪارتا -29 جولاءِ (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي آچي ويجهو 6.3 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي موسميات کاتي مطابق زلزلي جو مرڪز صوبي آچي جي شهر سبانگ جي اتر اولهه ۾ 247 ڪلوميٽر ڏور سمنڊ ۾ ھو. جڏهن ته زلزلي جي گهرائي صرف 15 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. کاتي مطابق زلزلي جا لوڏا آچي جي صوبائي گادي واري هنڌ باندا آچي ۽ آچي بيسار ۾ محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.











