چين ۾ برساتن سبب 30 ڄڻا فوت، 90 هزار شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ

بيجنگ -29 جولاءِ (اي پي پي) چين جي گادي واري شھر بيجنگ ۽ اترئين علائقن ۾ سخت طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 80 هزار کان وڌيڪ شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ مٽيءَ جي ڇپن جي ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن.  پرڏيهي ميڊيا …

بيجنگ -29 جولاءِ (اي پي پي) چين جي گادي واري شھر بيجنگ ۽ اترئين علائقن ۾ سخت طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 80 هزار کان وڌيڪ شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ مٽيءَ جي ڇپن جي ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن.  پرڏيهي ميڊيا موجب موسميات کاتي جي اختيارين بيجنگ  ويجهو صوبي هوبي، تيانجن ۽ ٻين 10 صوبن لاءِ هيٺين درجي جي شديد برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي. امڪان آهي ته اهو موسمي سلسلو (اڄ) تائين جاري رهندو. جڏهن ته برساتن سبب ڪيترائي رستا بند، 130  کان وڌيڪ ڳوٺ بجلي کان محروم ٿي ويا آهن. جڏھن ته مختلف علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.