بغداد - 29 جولاءِ (اي پي پي) عراق جي وزيراعظم ۽ ھٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف محمد شياع السوداني قانون جي پاسداري ۽ رياستي ادارن جي تحفظ جي فرضن ۾ نرمي نه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آھي ته ڪنھن کي به رياست يا ان جي اختيارين جي جڳھه وٺڻ جو حق نه آھي ۽ ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون نه آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق السوداني …
ڪو به ادارو قانون کان مٿاهون ناھي: عراق جو وزيراعظم

مزید خبریں
بغداد – 29 جولاءِ (اي پي پي) عراق جي وزيراعظم ۽ ھٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف محمد شياع السوداني قانون جي پاسداري ۽ رياستي ادارن جي تحفظ جي فرضن ۾ نرمي نه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آھي ته ڪنھن کي به رياست يا ان جي اختيارين جي جڳھه وٺڻ جو حق نه آھي ۽ ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون نه آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق السوداني جي ميڊيا آفيس ھڪ بيان ۾ ٻڌايو ته اھا ڳالھه حڪومت جي سربراھه طرفان گڏيل آپريشنز جي نائب ڪمانڊر، بغداد جي آپريشنز ڪمانڊر ۽ سندن سيڪيورٽي فورس جي آفيسرن سان گڏجي ھڪ ھنگامي سيڪيورٽي گڏجاڻي دوران چئي وئي آھي. بغداد ۾ ڪرخ طرفان زراعت واري وزارت جي ھڪ شعبي تي حملي بعد اھو بيان سامھون آيو آھي. بيان مطابق السوداني قانون جي پاسدارن ۽ رياستي ادارن جي تحفظ جي فرضن ۾ نرمي نه ڪرڻ جي ضرورت ۽ حملو ڪندڙ عنصرن جي مداخلت ۽ انھن جي اڳواٺ سيڪيورٽي جي منظوري جي بنا حرڪت جا تفصيل ڄاڻڻ لاءِ جاچ کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو. ھن اھو به چيو ته ڏوھارين کي موجوده قانونن مطابق جواب ده قرار ڏنو وڃي ۽ جاچ انتھائي پيشيوراڻي انداز ۾ اڳتي وڌائي وڃي. اسان جي ھٿياربند فوج جي اصولن مطابق جاچ ڪئي وڃي. ڪنھن کي به رياست يا ان جي اختيارين جي جڳھه وٺڻ جو حق ناھي ۽ ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون نه آھي.











