آمريڪا ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ جنگبندي جي نگراني ڪندو

واشنگٽن - 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ جنگبندي جي نگراني ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمبوڊيا جي وزيراعظم ھن مانيت چيو آھي ته آمريڪا ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ جنگبندي جي پابندي جي نگراني ڪندو ۽ ان کي قائم رکڻ ۾ مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو آھي. وزيراعظم ھن مانيت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفونڪ ڳالھين بعد چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو …

واشنگٽن – 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ جنگبندي جي نگراني ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمبوڊيا جي وزيراعظم ھن مانيت چيو آھي ته آمريڪا ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ جنگبندي جي پابندي جي نگراني ڪندو ۽ ان کي قائم رکڻ ۾ مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو آھي. وزيراعظم ھن مانيت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفونڪ ڳالھين بعد چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته آمريڪا جنگبندي جي نگراني ۾ حصو وٺندو ۽ ان کي برقرار رکڻ ۾ مدد فراھم ڪندو. گذريل ڏينھن ٿائيلينڊ جي فوج ڪمبوڊيا تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لاڳو ڪندي سرحد تي ڪمبوڊيا طرفان ھڪ نئين چڪرين جو اطلاع ڏنو. جڏھن ته ٿائيلينڊ جي وقتي وزيراعظم ڦمٿم ويچائيچائي چيو ته سرحد تي صورتحال ھاڻي پرسڪون آھي. ٻئي پاسي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراھيم ڪوالالمپور ۾ ٿائيلينڊ جي وقتي وزيراعظم ۽ ڪمبوڊيا جي وزيراعظم وچ ۾ ڳالھين بعد جنگبندي جو اعلان ڪيو ھو. پنجن ڏينھن تائين جاري چڪرين بعد 28 ۽ 29 جولاءِ جي وچولي رات 12 وڳي جنگبندي تي عمل شروع ٿيو.