نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ٻه رياستي حل بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات

اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي ٻطرفي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن طبي، معدنيات، دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ وسيع البنياد تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻه رياستي حل بابت …

اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي ٻطرفي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن طبي، معدنيات، دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ وسيع البنياد تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻه رياستي حل بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي. هنن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ رابطي کي مضبوط بڻائڻ، اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ واپار ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين ويجهي مستقبل ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ڪيو. گهڻ رخي فورمز تي جاري تعاون کي ساراهيندي پرڏيهي وزير عبدالعاطي پاڪستان کي هن مهيني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. فلسطيني عوام ۽ انهن جي جائز ڪاز جي لاءِ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن انساني بنيادن تي بنا رڪاوٽ پهچ، اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻه رياستي حل بابت عالمي ڪانفرنس جي بامقصد ۽ تعميري نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي.