نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ گڏيل قومن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن (28 جولاءِ) تي گڏيل قومن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. هو گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ڪانفرنس جو عنوان ”فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل جو لاڳو“ آهي جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس ڪري رهيا …

اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن (28 جولاءِ) تي گڏيل قومن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. هو گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ڪانفرنس جو عنوان ”فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل جو لاڳو“ آهي جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس ڪري رهيا آهن. پرڏيهي آفيس موجب سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ۽ فرانسيسي وزير جين نول بيروٽ ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندا. واضح رهي ته ڪانفرنس 28 جولاءِ کان 30 جولاءِ تائين جاري رهندي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪانفرنس جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي فلسطين ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي ڪيتريون ئي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جنهن ۾ مصر، ڪويت، بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن وارن صلاحڪارن ۽ اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات شامل آهي. اهڙي طرح نائب وزيراعظم فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ سان پڻ ملاقات ڪندو. وڌيڪ اهو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان مشن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافين سان هڪ پريس بريفنگ کي پڻ خطاب ڪندو.