نئين دهلي-28 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم، پهلگام حملي جي حوالي سان تازو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ان واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪو ثبوت موجود ناهي، پر حملو ڪندڙ اصل ۾ ڀارتي شهري هئا جن ڀارت جي اندر ئي تربيت حاصل ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پي چدمبرم، ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته حڪومت بنا ڪنهن ثبوت جي …
پهلگام واقعي ۾ ملوث حملو ڪندڙ پاڪستاني نه ڀارتي شهري هئا: ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم جو انڪشاف

مزید خبریں
نئين دهلي-28 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم، پهلگام حملي جي حوالي سان تازو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ان واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪو ثبوت موجود ناهي، پر حملو ڪندڙ اصل ۾ ڀارتي شهري هئا جن ڀارت جي اندر ئي تربيت حاصل ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پي چدمبرم، ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته حڪومت بنا ڪنهن ثبوت جي اهو ڇو چئي رهي آهي ته حملو ڪندڙ پاڪستان مان آيا هئا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ثبوت ڇو نه پيش ڪيو ويو؟. هن چيو ته هاڻي تائين حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪا واضح گرفتاري سامهون آئي. والاريل ڄمون ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ اپريل 2025ع ۾ ٿيل ان حملي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن کانپوءِ ڀارت، آپريشن سندور جي نالي سان جوابي ڪارروائي جي شروعات ڪئي پر 3 مهينا گذرڻ باوجود جاچ مڪمل نه ٿي سگهي. چدمبرم جي انڪشاف کانپوءِ ڀارت طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن تي سواليه نشان لڳي ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان نه صرف ان حملي جي شديد مذمت ڪئي هئي پر شفاف ۽ گڏيل جاچ لاءِ سهڪار جي به آڇ ڪئي هئي.











