مستقبل جي جنگين ۾  مصنوعي ذهانت، خودڪار ڊرونز، آٽوميٽڪ گاڏيون ۽ سائبر حملا وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندا: دفاعي ماهر

برلن -28 جولاءِ (اي پي پي) مستقبل جي جنگين ۾ مصنوعي ذهانت، خودڪار ڊرونز، آٽوميٽڪ گاڏيون ۽ سائبر حملا سپاهين جي بهادراڻن حوصلن  کان وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق اها ٽيڪنالاجي جنگ جي ميدان جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي، آمريڪا ۽ چين ان ڊوڙ  ۾ اڳيان آهن پر يورپ ان ڊوڙ ۾ انهن ٻنهي وڏين طاقتن کان پٺتي رهجي ويو آهي. آمريڪا جديد ٽيڪنالاجي سان ليس …

برلن -28 جولاءِ (اي پي پي) مستقبل جي جنگين ۾ مصنوعي ذهانت، خودڪار ڊرونز، آٽوميٽڪ گاڏيون ۽ سائبر حملا سپاهين جي بهادراڻن حوصلن  کان وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق اها ٽيڪنالاجي جنگ جي ميدان جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي، آمريڪا ۽ چين ان ڊوڙ  ۾ اڳيان آهن پر يورپ ان ڊوڙ ۾ انهن ٻنهي وڏين طاقتن کان پٺتي رهجي ويو آهي. آمريڪا جديد ٽيڪنالاجي سان ليس دفاعي صلاحيت ۾ عالمي قيادت جو خواهشمند آهي، اها صلاحيت سندس عالمي طاقت هئڻ جو هڪ اهم سبب به آهي. يورپ سان لاڳاپيل دفاعي حڪمت عملي جي ماهر جو چوڻ هو ته اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته ان ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ هن وقت ڪهڙو ملڪ اڳيان آهي. ان جو سبب اهو آهي جو دفاعي نظام اهڙا آهن جن جا تجربا ڳجها رکيا ويندا آهن. يا انهن کي رڳو عملي ميدان ۾ ئي جانچي سگهجي ٿو. ڪجهه معلومات ڳجهي هوندي آهي ۽  اڪثر وقت ملڪ پاڻ به پنهنجي دفاعي صلاحيتن جو اظهار ناهن ڪرڻ چاهيندا. چين خاص طور تي فوجي مقصدن لاءِ روبوٽڪس جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. يورپ ظاهري طور هن وقت تائين ڪجهه منصوبا ئي شروع ڪيا آهن، جن ۾ جرمن اسٽارٽ اپ اي آر ايڪس روبوٽڪس جو ننڍو ٽينڪ جيڪو دشمن جي محاذن جي جاسوسي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو هن وقت يوڪرين جي جنگ ۾ روس خلاف استعمال ٿي رهيو آهي، يورپ وٽ اها مهارت ته موجود آهي، جيڪا آمريڪا ۽ چين جو مقابلو ڪري سگهي ٿي پر ٽيڪنالاجي هاڻي تمام تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، ان ڪري يورپ وٽ هاڻي به اڳيان وڌڻ جو موقعو موجود آهي. جيڪڏهن يورپي ملڪ ان رفتار ۽ جدت کي اختيار ڪندا ته اسان ايندڙ پنجن کان ڏهن سالن ۾ چين، روس ۽ آمريڪا جي برابر اچي سگهون ٿا. عسڪري ماهرن جو چوڻ آهي ته يورپي يونين کي فوري طور تي پنهنجي اوڀر واري سرحد تي فضائي دفاعي نظام جي ضرورت آهي، في الحال يورپ آمريڪي ٽيڪنالاجي تي دارومدار ڪري ٿو پر هو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجو سسٽم ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو.