سامونڊي طوفان 29 کان 31 جولاءِ دوران شنگهائي سميت چين جي 5 وڏن شهرن سان ٽڪرائجندو

شنگهائي-28 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي طوفان ڪو - مئي هلندڙ مهيني 29 کان 31 جولاءِ دوران شنگهائي سميت چين جي 5 وڏن شهرن سان ٽڪرائجندو. پرڏيهي ميڊيا چائنا ميٽرولاجيڪل ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان ٻڌايو ته سامونڊي طوفان ڪو-مئي جي اثر هيٺ شنگهائي ۽ ٻين شهرن ۾ تيز هوائن سان طوفاني برساتون پونديون. سامونڊي طوفان ڪو-مئي (اڄ) 29 جولاءِ جي شام جو چين جي صوبي زي جيانگ تائين پهچندو. ننگبو …

شنگهائي-28 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي طوفان ڪو – مئي هلندڙ مهيني 29 کان 31 جولاءِ دوران شنگهائي سميت چين جي 5 وڏن شهرن سان ٽڪرائجندو. پرڏيهي ميڊيا چائنا ميٽرولاجيڪل ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان ٻڌايو ته سامونڊي طوفان ڪو-مئي جي اثر هيٺ شنگهائي ۽ ٻين شهرن ۾ تيز هوائن سان طوفاني برساتون پونديون. سامونڊي طوفان ڪو-مئي (اڄ) 29 جولاءِ جي شام جو چين جي صوبي زي جيانگ تائين پهچندو. ننگبو جو سامونڊي ڪناري وارو شهر طوفان جي رستي ۾ هوندو. اهو طوفان هن وقت اوڪيناوا ويجهو آهي ۽ اتر اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي.