بيجنگ -28 جولاءِ (اي پي پي) چين ۾ ٻڌ مت جي مشهور شائولين گرجاگهر جي سربراهه ابوٽ شي يونگ شن کي بدعنواني ۽ غير اخلاقي رويي جي الزامن تي عهدي تان برطرف ڪيو ويو. اهو گرجاگهر نه رڳو مذهبي روحانيت جو مرڪز رهيو آهي پر صدين کان مارشل آرٽ خاص طور تي ڪنگ فو جي تربيت، ان کي هٿي ڏيڻ ۽ روايت جو امين به آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شائولين گرجاگهر جاري …
چين جي شائولين گرجا گهر جو سربراهه بدعنواني ۽ غيراخلاقي رويي جي الزامن تي عهدي تان برطرف

مزید خبریں
بيجنگ -28 جولاءِ (اي پي پي) چين ۾ ٻڌ مت جي مشهور شائولين گرجاگهر جي سربراهه ابوٽ شي يونگ شن کي بدعنواني ۽ غير اخلاقي رويي جي الزامن تي عهدي تان برطرف ڪيو ويو. اهو گرجاگهر نه رڳو مذهبي روحانيت جو مرڪز رهيو آهي پر صدين کان مارشل آرٽ خاص طور تي ڪنگ فو جي تربيت، ان کي هٿي ڏيڻ ۽ روايت جو امين به آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شائولين گرجاگهر جاري بيان ۾ چيو ته ابوٽ شي تي پراجيڪٽس جي فنڊن ۽ گرجاگهر جي ملڪيت ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو شڪ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن ٻڌ مت جي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي جن ۾ ڪيترن ئي عورتن سان لاڳاپا به شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن خلاف جاچ ڪيترائي سرڪاري کاتا گڏيل طور ڪري رهيا آهن.











