هنوئي – 27 جولاءِ (اي پي پي) ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ اعلان ڪيو آهي ته ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪمبوڊين وزيراعظم جنگ بندي جو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو معاهدو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سڌي ريت ٽياڪڙي سبب ممڪن ٿيو، آمريڪي صدر تڪرار ۾ جاني نقصان …
ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي تي متفق

مزید خبریں
هنوئي – 27 جولاءِ (اي پي پي) ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ اعلان ڪيو آهي ته ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪمبوڊين وزيراعظم جنگ بندي جو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو معاهدو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سڌي ريت ٽياڪڙي سبب ممڪن ٿيو، آمريڪي صدر تڪرار ۾ جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ امن لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمبوڊين وزيراعظم چيو ته هن آمريڪي صدر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪمبوڊيا مڪمل طور جنگ بندي جي تجويز تي متفق آهي ۽ ٿائيلينڊ سان هٿياربند تڪرار جي فوري خاتمي تي تيار آهي. ان کان اڳ ٿائيليند اعلان ڪيو هو ته هو ڪمبوڊيا سان جنگ بندي ۽ ٻه طرفا ڳالهين جي شروعات لاءِ اصولي طور تيار آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي ۾ ٿيل تڪرارن جو خاتمو ڪري سگهجي.











