برسلز – 26 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يورپي يونين جي صدر ارسلافان ڊيرلين آچر 27 جُولاءِ تي اسڪاٽ لينڊ ۾ ملاقات ڪندا ته جيئن مهينن کان جاري ٽرانس اٽلانٽڪ واپاري تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ فيصلائتي ڪوشش ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته صدر ٽرمپ سان سٺي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اسان آچر تي اسڪاٽ لينڊ …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يورپي يونين جي صدر ارسلافان ڊيرلين وچ ۾ واپاري معاهدي لاءِ ملاقات 27 جُولاءِ تي ٿيندي

مزید خبریں
برسلز – 26 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يورپي يونين جي صدر ارسلافان ڊيرلين آچر 27 جُولاءِ تي اسڪاٽ لينڊ ۾ ملاقات ڪندا ته جيئن مهينن کان جاري ٽرانس اٽلانٽڪ واپاري تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ فيصلائتي ڪوشش ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته صدر ٽرمپ سان سٺي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اسان آچر تي اسڪاٽ لينڊ ۾ ملاقات تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن ٽرانس اٽلانٽڪ واپاري لاڳاپن تي ڳالهيون ٿين ۽ انهن کي مضبوط رکي سگهجي. ڊونلڊ ٽرمپ پريسٽوڪ ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي ملاقات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آچر تي يورپي يونين جي سربراهه سان ملاقات ڪندس ۽ اسان هڪ معاهدي تي ڳالهيون ڪنداسين. هن چيو ته معاهدو طئي ٿيڻ جا امڪان ففٽي ففٽي آهن ڇو جو 20 نڪتن تي اڃان به اختلاف موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسن معاهدو ڪري ٿا وٺون ته اهو هن وقت تائين جو سڀني کان وڏو معاهدو هوندو.











