پيرس - 25 جولاءِ (اي پي پي)فرانس چيو آھي ته سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي ٿيندڙ اجلاس دوران فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪيو ويندو. فرانس سڀ کان طاقتور يورپي ملڪ آھي جنھن فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي چئي. ھن چيو ته هن وقت فوري ترجيح غزه ۾ …
فرانس پاران سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي اجلاس دوران فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
پيرس – 25 جولاءِ (اي پي پي)فرانس چيو آھي ته سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي ٿيندڙ اجلاس دوران فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪيو ويندو. فرانس سڀ کان طاقتور يورپي ملڪ آھي جنھن فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي چئي. ھن چيو ته هن وقت فوري ترجيح غزه ۾ جنگ جو خاتمو ۽ شھرين کي بچائڻ جي آھي. ھن چيو ته فلسطيني رياست جي آخري قيام جي ضرورت آھي، فلسطين مان اسرائيل جي فوج جي نيڪالي کي تسليم ڪري فلسطيني رياست کي عمل جوڳو بڻائڻ گھرجي. ھن چيو ته ھو سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ گڌيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اسرائيل فرانس جي صدر جي ان اعلان تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي.











