واشنگٽن ڊي سي – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار رات دير سان واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو جتي سندس استقبال آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ۽ سفارتخاني جي ٻين اعليٰ آفيسرن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي اڄ جمعي ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان …
پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن ڊي سي – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار رات دير سان واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو جتي سندس استقبال آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ۽ سفارتخاني جي ٻين اعليٰ آفيسرن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي اڄ جمعي ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي اهم رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪي ٿنڪ ”دي اٽلانٽڪ ڪائونسل“ کي خطاب پڻ ڪندو جتي هو علائقائي ۽ عالمي مسئلن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مستقبل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.











