او آءِ سي هلندڙ سال حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت مبارڪه خاص طريقي سان ملهائڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم( او آءِ سي) هلندڙ سال حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي 1500 هين ولادت مبارڪه خاص طريقي سان ملهائڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت 50هين قومي سيرت ڪانفرنس لاءِ تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم( او آءِ سي) هلندڙ سال حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي 1500 هين ولادت مبارڪه خاص طريقي سان ملهائڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت 50هين قومي سيرت ڪانفرنس لاءِ تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته ربيع الاول 1447 هجري ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي 1500 هين ولادت مبارڪه جي موقعي تي قومي سيرت ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي ميميبر ملڪن ڏانهن هڪ خط موڪليو آهي جنهن ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي 1500 هين ولادت مبارڪه خاص طور تي ملهائڻ لاءِ چيو ويو آهي. وزارت هلندڙ سال سيرت ڪانفرنس جو موضوع ”سوشل ميڊيا ذريعي تعليم ۽ سکيا، سيرت طيبه جي روشني “ رکيو آهي. ان حوالي سان سيرت مبارڪه تي نعت ۽ مقالات جا مقابلا منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙن کي انعام ڏنا ويندا. وزارت 50هين قومي سيرت ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون پڻ جوڙي ڇڏيو آهن جيڪي سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مصروف آهن . او آءِ سي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ترڪيه جي شهر استنبول ۾ 21 ۽ 22 جون 2025 تي منعقد ٿيل اجلاس دوران منظور ٿيل ٺهراءَ ۾ چيو هو ته ميمبر ملڪ ان مبارڪ موقعي تي ثقافتي، تعليمي ۽ علمي سرگرمين جو اهتمام ڪن ۽ اسلام ۽ سنت نبوي صلعم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميڊيا مهم شروع ڪن.