فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انتهائي ظالماڻي قبضي ۽ نسلي امتياز جو شڪار آهي، غزه ۾ گذريل 22 مهينن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو رڳو هڪ انساني الميو نه آهي پر انسانيت جو مڪمل زوال آهي: اسحاق ڊار

نيويارڪ – 23 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انتهائي ظالماڻي قبضي ۽ نسلي امتياز جو شڪار آهي، غزه ۾ گذريل 22 مهينن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو رڳو هڪ انساني الميو نه آهي پر انسانيت جو مڪمل زوال آهي، فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ …

نيويارڪ – 23 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انتهائي ظالماڻي قبضي ۽ نسلي امتياز جو شڪار آهي، غزه ۾ گذريل 22 مهينن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو رڳو هڪ انساني الميو نه آهي پر انسانيت جو مڪمل زوال آهي، فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانون جي ساک جو امتحان آهي، سلامتي ڪائونسل پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، پاڪستان فلسطيني عوام سان پنهنجي غيرمشروط ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، متصل ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جي حق جي حمايت ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، اهو ئي واحد منصفاڻو ۽ پائيدار حل آهي، جنهن جي تائيد سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي، عرب امن قدم ۽ او آءِ سي پاران متفقه طور تي ڪئي وئي آهي. تاريخ گواهه آهي ته طاقت جو استعمال ۽ هڪطرفيون فوجي ڪارروايون رڳو تڪرارن کي گهرو ڪن ٿيون. فلسطيني عوام کي اهو حق ڏنو وڃي جنهن کان انهن کي ڏهاڪن کان محروم رکيو ويو آهي، انصاف، آزادي، وقار ۽ پنهنجي رياست، اهو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي، پاڪستان هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متحد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو، عالمي برادري فلسطيني عوام سان انصاف تي ٻڌل رويو اختيار ڪري. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته فلسطين سميت وچ اوڀر جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي هن اهم اجلاس جي صدارت ڪندي تمام گهڻو فخر آهي، جامع بريفنگ تي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد خياري جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته فلسطيني عوام سان ظلم جي ڊگهي داستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڏهاڪن کان فلسطيني عوام انتهائي ظالماڻي قبضي ۽ نسلي امتياز جو شڪار آهي. انهن کي خودمختياري جي حق ۽ رياست جي حق سميت بنيادي انساني حقن کان محروم رکيو ويو آهي. غزه ۾ گذريل 22 مهينن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو رڳو هڪ انساني الميو نه آهي پر انسانيت جو مڪمل زوال آهي. اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ هن وقت معصوم جانين سان گڏوگڏ عالمي قانونن، خاص طور تي عالمي انساني قانونن (آءِ ايڇ ايل) جو پڻ قبرستان بڻجي چڪو آهي. اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۾ 58000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار آهن. اسپتالن، اسڪولن، گڏيل قومن جي ادارن، امدادي قافلن ۽ پناهگير ڪئمپن کي نشانو بڻائڻ ڪو حادثاتي عمل نه آهي پر عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ڪيترين ئي قراردادن جي خلاف هڪ منظم خلاف ورزي آهي. هن چيو ته غزه ۾ بُک جو بحران انتهائي خطرناڪ سطح تي پهچي چڪو آهي. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف او) موجب آبادي جو ٽيون حصو ڪيترن ئي ڏينهن تائين کاڌو کائڻ کانسواءِ گذاري رهيو آهي، جيڪا خوراڪ جي عدم تحفظ جي هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي علامت آهي. هن چيو ته فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانون جي ساک جو امتحان آهي. جيڪڏهن فلسطيني عوام جي حقن جو تحفظ نه ڪيو ويو ته اهو عالمي قانون جي خلاف ورزين کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. سلامتي ڪائونسل کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام سان پنهنجي غيرمشروط ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اسان 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، متصل ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جي حق جي حمايت ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، اهو ئي واحد منصفاڻو ۽ پائيدار حل آهي، جنهن جي تائيد سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي، عرب امن قدم ۽ او آءِ سي جي متفقه پوزيشن ۾ ڪئي وئي آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان سلامتي ڪائونسل کان هيٺ ڏنل قدمن تي فوري عملدرآمد جو مطالبو ڪريون ٿا، پهريون غزه ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪئي وڃي. ٻيو انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي سمورن ضرورتمند شهرين تائين يقيني بڻائي وڃي. ٽيون يو اين آر ڊبليو اي کي فلسطيني پناهگيرن جي مدد جي لاءِ گڏيل قومون مضبوط ڪيو وڃي. چوٿون جاگرافيائي ڪناري ۽ اوڀر يروشلم ۾ فلسطيني زمينن تي قبضا ختم ڪيا وڃن. پنجون غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي قيادت هيٺ نئين سر تعمير جو منصوبو عمل ۾ آندو وڃي. ڇهون عالمي قانون موجب فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٻه رياستي حل جو پائيدار امن جو رستو اختيار ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ وڌندڙ عالمي حمايت جي آجيان ڪري ٿو، اسان انهن ملڪن کي اپيل ڪريون ٿا جيڪي اڃا تائين فلسطين کي تسليم ناهن ڪري چڪا، اهي ائين جلد کان جلد ڪن، اسان 28 جولاءِ تي سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل ڪوششن سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي پڻ آجيان ڪريون ٿا، جنهن جو مقصد ٻه رياستي حل کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ جامع امن جو رستو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سمورن مسئلن جو حل عالمي تعاون ۽ پرامن ڳالهه ٻولهه سان ئي ممڪن آهي. پاڪستان شام، لبنان ۽ يمن ۾ امن جي عمل جي حمايت ڪري ٿو ۽ اسرائيل کان مطالبو ڪري ٿو ته هو والاريل گولان جي جبلن تان فوري انخلا ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته طاقت جو استعمال ۽ هڪطرفيون فوجي ڪارروايون رڳو تڪرارن کي گهرو ڪن ٿيون. فلسطيني عوام کي اهو حق ڏنو وڃي جنهن کان انهن کي ڏهاڪن کان محروم رکيو ويو آهي، انصاف، آزادي، وقار ۽ پنهنجي رياست، اهو ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متحد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو، اسان عالمي برادري کي اپيل ڪريون ٿا ته اها فلسيني عوام سان انصاف تي ٻڌل رويو اختيار ڪري.