نيويارڪ – 23 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب جي اقتصاديات ۽ منصوبابندي واري وزير فيصل فاضل الابراهيم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فوڊ سيڪيورٽي، مينوفيڪچرنگ ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ فني تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي نائب وزيراعظم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب جي اقتصاديات ۽ منصوبابندي واري وزير جي ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب جي اقتصاديات ۽ منصوبابندي واري وزير فيصل فاضل الابراهيم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فوڊ سيڪيورٽي، مينوفيڪچرنگ ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ فني تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران اعليٰ سطحي تقريبن جي موقعي تي سعودي عرب جي معيشت ۽ منصوبابندي واري وزير فيصل فاضل الابراهيم سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن ۽ پائيدار امن، جامع خوشحالي ۽ علائقائي هم آهنگي جي گڏيل ويزن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. خيالن جي ڏي وٺ دوران فوڊ سيڪيورٽي، مينوفيڪچرنگ ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ فني تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.











