آمريڪي صدر پاران فلپائن سان نون واپاري معاهدن جو اعلان، آمدني واپار تي ٽيرف جي شرح 19 سيڪڙو هوندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن -23 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلپائين سان نئين واپاري معاهدي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت اتان جي آمدني واپار تي ٽيرف جي شرح 19 سيڪڙو هوندي. ڊونلڊ ٽرمپ فلپائين جي صدر فرڊينينڊ مارڪوس سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات کان پوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي، ته ان معاهدي تحت فلپائين جي مارڪيٽ کي آمريڪي  مصنوعات لاءِ کوليو ويندو. هن چيو ته …

واشنگٽن -23 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلپائين سان نئين واپاري معاهدي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت اتان جي آمدني واپار تي ٽيرف جي شرح 19 سيڪڙو هوندي. ڊونلڊ ٽرمپ فلپائين جي صدر فرڊينينڊ مارڪوس سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات کان پوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي، ته ان معاهدي تحت فلپائين جي مارڪيٽ کي آمريڪي  مصنوعات لاءِ کوليو ويندو. هن چيو ته فلپائين 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو ۽ ٻئي ملڪ فوجي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان سان گڏوگڏ ٻئي ڌريون فوجي شراڪت تي پڻ گڏجي ڪم ڪنديون. اهو معاهدو نه رڳو واپاري رابطن کي هٿي وٺائيندو پر علائقائي سلامتي ۽ سهڪار لاءِ نوان امڪان پيدا ڪندو.