اسان جا ڪارڪن غزه ۾ شديد بک ۽ ڪمزوري سبب بي ھوش ٿي رھيا آھن جنھن سبب انساني بقا لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون - 23 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته اسان جا ڪارڪن غزه پٽي ۾ شديد بک ۽ ڪمزوري سبب بي ھوش ٿي رھيا آھن جنھن سبب انساني بقا لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿي ويو آھي. اھا ڳالھه گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (انروا) جي ترجمان جوليٽ ٽوما ھڪ بيان ۾ چئي. ھن چيو ته ڊاڪٽرن، نرسن، صحافين ۽ امدادي ڪارڪنن سميت ڪيترائي ماڻھو …

گڏيل قومون – 23 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته اسان جا ڪارڪن غزه پٽي ۾ شديد بک ۽ ڪمزوري سبب بي ھوش ٿي رھيا آھن جنھن سبب انساني بقا لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿي ويو آھي. اھا ڳالھه گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (انروا) جي ترجمان جوليٽ ٽوما ھڪ بيان ۾ چئي. ھن چيو ته ڊاڪٽرن، نرسن، صحافين ۽ امدادي ڪارڪنن سميت ڪيترائي ماڻھو پنھنجا فرض انجام ڏيندي بک جي شدت سبب بي ھوش ٿي رھيا آھن.سندس چوڻ آھي ته خوراڪ جي ڳولا بمباري جيتري خطرناڪ، غزه ۾ ضروري شين جون قيمتون 4 ھزار سيڪڙو تائين وڌي چڪيون آھن ۽ لکين ماڻھو خوراڪ، دوائن ۽ ٻين بنيادي شين کان محروم آھن. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام مطابق اٽڪل 4 مان ھڪ شخص شديد ڏڪار جي لپيٽ ۾ آھي جڏھن ته ھزارين ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آھن. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور جنگبندي ڪئي وڃي، انساني امداد جا رستا کوليا وڃن ۽ امداد گڏيل قومن جي نگراني ۾ پھچائي وڃي ته جيئن غزه ۾ انساني الميو روڪي سگھجي.