ايئر چائنا جون ارومچي-تاشقند لاءِ سڌيءَ ريت اڏامون شروع

بيجنگ -23 جولاءِ (اي پي پي)چين جي فضائي ڪمپني ايئر چائنا چين جي شهر ارومچي ۽ ازبڪستان جي گادي واري هنڌ تاشقند وچ ۾ پنهنجي پهرين سڌيءَ ريت اڏام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق افتتاحي اڏام اربع ڏينهن تاشقند انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. ان موقعي تي هڪ تقريب به منعقد ٿي. بوئنگ 737 جهاز تي هلندڙ اهي اڏامون هر اڱاري، جمعي ۽ آچر تي شروع ڪيون وينديون.  …

بيجنگ -23 جولاءِ (اي پي پي)چين جي فضائي ڪمپني ايئر چائنا چين جي شهر ارومچي ۽ ازبڪستان جي گادي واري هنڌ تاشقند وچ ۾ پنهنجي پهرين سڌيءَ ريت اڏام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق افتتاحي اڏام اربع ڏينهن تاشقند انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. ان موقعي تي هڪ تقريب به منعقد ٿي. بوئنگ 737 جهاز تي هلندڙ اهي اڏامون هر اڱاري، جمعي ۽ آچر تي شروع ڪيون وينديون.  تاشقند ايئر چائنا جي نمائندي لي گوانگ پنگ چيو آهي ته اهو نئون روٽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته اهو روٽ ٻه طرفي سهڪار جي امڪانن کي کولڻ ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. واضح رهي ته ان کان اڳ ايئر چائنا بيجنگ ۽ تاشقند وچ ۾ پهرين سڌيءَ ريت اڏام پڻ شروع ڪئي وئي.