ماسڪو -23 جولاءِ (اي پي پي) روس يورپي يونين جي ادارن، ميمبرن ملڪن ۽ ٻين يورپي ملڪن جي نمائندن تي سفري پابندين جي لسٽ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. روس جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته ان لسٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، حڪومتي ۽ واپاري تنظيمن جا نمائندا ۽ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن ۽ ٻين اولهه وارن ملڪن جا اهي شهري شامل …
يورپي يونين جي پابندين تي روس جو ردعمل، وڌيڪ شخصيتون بليڪ لسٽ

مزید خبریں
ماسڪو -23 جولاءِ (اي پي پي) روس يورپي يونين جي ادارن، ميمبرن ملڪن ۽ ٻين يورپي ملڪن جي نمائندن تي سفري پابندين جي لسٽ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. روس جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته ان لسٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، حڪومتي ۽ واپاري تنظيمن جا نمائندا ۽ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن ۽ ٻين اولهه وارن ملڪن جا اهي شهري شامل آهن، جيڪي يوڪرين کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ، روس جي علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائڻ وارن سرگرمين ۾ ملوث آهن يا بالٽڪ سمنڊ ۾ روس جي جهازن ۽ ڪاروبار خلاف ناڪا بندين جو اهتمام ڪرڻ جا ذميوار آهن. بيان موجب لسٽ ۾ يورپي يونين جي ادارن، ميمبر ملڪن ۽ ٻين يورپي رياستن جا اهي عهديدار پڻ شامل آهن، جيڪي روس جي عملدارن خلاف مبينه غيرقانوني حراستن ۽ يوڪرين مان جبري بي دخلين وارن سياسي ڪيسن ۾ شامل آهن. لسٽ ۾ انهن ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي روس مخالف پابندين جي تياري يا انهن پابندين کي لاڳو ڪرڻ ۾ شامل آهن. وزارت چيو آهي، ته يورپي يونين پاران پابندين بابت وڌيڪ فيصلن جو وقت تي مناسب جواب ڏنو ويندو.











